ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا 2

ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا 2

ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا 2

ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا (ڪتاب): هي ڪتاب پڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مقالن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر بلوچ جا مختلف شخصيتن تي لکيل مقالا ۽ علمي، ادبي مضمون شامل آهن. ڪجهه مقالا ۽ مضمون اهڙا به آهن جيڪي ڪن ڪتابن جي مهاڳن طور لکيا ويا هئا.
هن ڪتاب ۾ قاضي قادن جي ڪلام کان ويندي سلطان باهو جي سرائيڪي بيتن کانسواءِ، شاهه صدر الدين، محمد هاشم ٺٽوي، لاکي ڦلاڻي، پير پٺي ۽ ٻين ڪيترين شخصيتن تي مقالا شامل ٿيل آهن. جن جو تعداد 45 آهي هي مقالا ڊاڪٽر نبي بخش جي پوٽي محمد ارشد بلوچ سهيڙيا آهن. ڪتاب تعارف محمد ارشد بلوچ لکيو آهي جڏهن ته پبلشر نوٽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ جو لکيل آهي.
407 صفحن تي مشتمل چار رنگي ٽائيٽل سان ڊبل ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب، ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج ريسرچ سال 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي جنهن جي قيمت 600 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو